پشاور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي هٿان چاچو، چاچي ۽ ٽي سئوٽ قتل

news

پشاور: (سومر 22 فيبروري 2021ع) پشاور جي علائقي سربند ۾ ڀا.ئٽي ملڪيت جي تڪرار تان غريب چڻا وڪرو ڪندڙ چاچي، چاچي ۽ ان جي 3 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب پشاور جي ڏوراهين علائقي سربند اخون آباد جو رهواسي ڪرم شاهه ان جي زال، 2 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ کي قتل ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاشن کي ويجهي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

ايس پي صدر ڊويزن وقار خان چيو آهي ته ڪرم شاهه جو پنهنجي گهر جي ملڪيت تي خاندان سان تڪرار هلي رهيو هو.

واقعي ۾ مقتول ڪرم شاهه جو سڳو سئوٽ مخارف ملوث آهي. جيڪو گذريل رات ڪرم شاهه جي گهر آيو. گهر جي ملڪيت جي حوالي سان ئي انهن ۾ تڪرار ٿي جنهن کان پوءِ مخارف پنجن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.