ملڪ اندر ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ٿرديپ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: اڳواڻ

news

ٽنڊو محمد خان: (سومر 22 فيبروري 2021ع) پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٽنڊو محمد خان ۾ ٿرديپ رورل پروگرام تعاون ۽ ڪنسرن ورلڊ وائيلڊ جي سهڪار سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ ڊي ايڇ او ٽنڊو محمد خان دولت خان جسڪاڻي، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر رخسانہ بڪيرو، اي ڊي ايڇ او مظهر نظاماڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو محمد خان انور ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مقررين چيو تہ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاء سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿرديپ ڪم ڪيو آهي، سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن، ڪورونٽائين سينٽرس ۾ پڻ ڪورونا جي مريضن جو اهم خيال رکيو آهي، هنن چيو تہ حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۾ جيڪي بہ ڪورونا جا ڪيس ٿيا آهن انهن جي علاج ۽ ڪورونٽائين ۾ ٿرديپ رورل جي ٽيم مدد ڪئي آهي، رخسانہ بڪيرو چيو تہ يورپي سول تحفظ ۽ انسانيت جي تعاون سان ڪنسرن ورلڊ وائيلڊ جي سهڪار سان امداد آپريشن ۽ ضلعي حڪومت جي ڊي ايڇ او، اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ڊي ايڇ او، سي او وي آءِ ڊي فوڪل پرسن، آءِ ايڇ ايس، پي پي ايڇ آئي ۽ ٽي ڊي پي آر جي سهڪار سان اسان ڪووڊ جي وبا کي روڪيو آهي.

هنن چيو تحفظاتي سوٽ، سرجري ماسڪ، ريزيوبل ۽ ڊسپوزيبل دستانو، فوگر مشين، اسپري مشين، بوٽ، بايو هاز بيگ، ڊسٽبن ۽ ان جي استعمال جي لاءِ گائيڊ لائن نوٽ فراهم ڪيا آهن، گذريل ڪجهہ مهينن ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو اسان لاء ڳڻتي جوڳو آهي پر اسان سهڪاري ادارن جي مدد سان هر ممڪن ڪوشش ڪري سهولتن کي وڌائينداسين.

اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ريڊيو اسٽيشن ۽ سوشل ميڊيا جي مدد سان ڪميونٽي ۽ اسٽيڪ هولڊر جي صحت جي سهولتن کي عام ماڻهن تائين پهچائي سگهجي ٿو.