ٽنڊو محمد خان ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو روڊ تعمير نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ شيخ ڀرڪيو، ڊرگھ موري، باقر نظاماڻي ۽ راڄو نظاماڻي جي رهواسي شهرين جو روڊن جي تعميرات نه ٿيڻ تي حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو، ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ، پوليس سان مظاهرين جي ڏند چڪ.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ شيخ ڀرڪيو، ڊرگھ موري، باقر نظاماڻي ۽ راڄو نظاماڻي جي رهواسي شهرين جو روڊن جي تعميرات نه ٿيڻ تي حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پوليس جي وڏن اٽالن پهچڻ کانپوءِ مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ ڏند چڪ جي ڪري ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، جنهن ۾ مظاهرين جي سخت نعريبازي سان احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويو.

احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ اويس نظاماڻي، اويس درس، غلام ياسين سمون، معيد نظاماڻي، سعيد احمد، صدام پلي ۽ ٻين ڌرڻي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو علائقي مان ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پهچندڙ اسان جا نمائندا پنهنجي علائقي کي وساري ڪا به توجهه ڏيئي نه سگهيا آهن، اسان جي روڊن جي ڪيتري ئي عرصي کان زبون حالت آهي، جنهن ۾ سوين انساني حياتيون ضايع ٿيڻ سان گڏ معذور بڻجي اپاهج واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، مرد عورتن ۽ ٻارن سان حادثا پيش اچي چڪا آهن، ايتري قدر جو بيماري ۾ مبتلا مريض اسپتال پهچڻ کان اڳ رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري وڃن ٿا، ويم ڪرائڻ لاءِ اسپتال ويندڙ عورتن جا لاش واپس پنهنجي گهرن ۾ پهچن ٿا پر ڪنهن به اهو نه سوچيو آهي ته هي روڊ ڪهڙي سبب تعمير ٿي نه سگهيا آهن.

علائقي مان اربين روپين جي گئس تيل جي رائلٽي جي رقم ڪٿي خرچ ٿئي ٿي ان ۾ ڪير ڪرپشن ڪري ٿو، ان جو ڪو به پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي، اسان جا روڊ هاڻي تعمير نه ڪيا ويا ته اسان خاموشي اختيار نه ڪنداسين، اسان پنهنجي جائز حق لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي، هاڻي روڊن جي تعميرات کانسواءِ ڪنهن به ٻئي ڳالھ کي تسليم نه ڪنداسين، اسان کي هر حالت ۾ پنهنجي روڊ تعمير ڪري ڏنا وڃن، احتجاجي ڌرڻي ۾ عملدارن مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.