جيڪب آباد ويجھو ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه نينگر زخمي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجھو ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه نينگر زخمي.

صدر ٿاڻي جي حد عمراڻي لاڙو وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ حسين بروهي واسي موٽر سائيڪل سوار نينگر شاھمراد ۽ علي مراد بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين کڻائي سول اسپتال آندو.

جتي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب ٻنهي نينگرن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، پوليس ڊرائيور کي ٽريڪٽر سميت پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

صدر پوليس موجب ته ٽريڪٽر ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، زخمين جي وارثن جي اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.