واٽس ايپ جي نئين پاليسي قبول نه ڪرڻ تي ميسجز بند

news

لنڊن: (اڱارو 23 فيبروري 2021ع) انٽرنيٽ تي پيغام پهچائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جون نيون شرطون ۽ پاليسيون قبول نه ڪندڙ صافين پيغامن جي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا.

ڪمپني صارفين کي 15 مئي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي پاليسي قبول نه ڪندڙن جي اڪائونتن کي 120 ڏينهن تائين غير فعال رکيو ويندو ۽ ان کان پوءِ ڊيليٽ ڪيو ويندو. اڪائونٽ غير فعال هجڻ جي دوران صارفين ڪالز ڪري سگهندا ۽ نوٽيفڪيشن به وصول ڪندا رهندا. واٽس ايپ جنوري 2021 ۾ پنهنجي پاليسي اپڊيٽ ڪئي هئي جنهن تي صارفين جي طرفان سخت رد عمل به سامهون آيو.

واٽس ايپ صارفين جي لاءِ پنهنجي اپڊيٽ پاليسي جا نوٽيفڪيشن موڪليا هئا جنهن  موجب 8 فيبروري تائين پاليسي قبول نه ڪندڙ صارفين جا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻا هئا. جنهن کان پوءِ صارفين طرفان سخت رد عمل کان پوءِ ڪمپني تاريخ ۾ واڌ ڪئي ۽ صارفين کي مئي تائين جو وقت ڏنو هو. نئين پاليسي موجب واٽس ايپ صارفين جو ڊيٽا نه صرف استعمال ڪندو پر ان کي فيس بڪ سان گڏ شيئر به ڪندو.

پاليسي موجب واٽس ايپ سروس استعمال ڪندي اوهان ڪنهن ٻئي واپار سان رابطي ۾ آيا آهيو ته ان جي سموري ڄاڻ ڪمپني وٽ پهچي ويندي آهي جنهن کي فيس بڪ جي ملڪيت ٻئي ايپليڪشنز سان شيئر ڪيو ويندو آهي.