سڪرنڊ: وٽرنري يونيورسٽي ايمپلائيز يونين جي چونڊ، قلندر شهباز پئنل کي سوڀ

news

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشٿاق سولنگي)شھيد بينظير آباد وٽرنري يونيورسٽي ايمپلائيز يونين جي لال قلندر شهباز پئنل طرفان اليڪشن ۾ سوڀ جي خوشيءَ ۾ يونيورسٽيءَ کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين سرپرست ذاڪر حسين مگسي، چيئرمين عبدالجبار چانڊيو، صدر عبد الرحمان ڳَکڙ ۽ جنرل سيڪريٽري عبداللطيف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته محنت ۽ ڪردار فتح جي علامت هوندا آهن اهوئي سبب آهي جو شهباز پئنل 106 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏھن ته سامهون بيٺل حميل فقير پئنل صرف 43 ووٽ کڻي سگهيو.

هنن چيو ته اڳ به وٽرنري يونيورسٽيءَ جي ملازمن جا مسئلا حل ڪرائيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به ترجيحي بنيادن تي ملازمن جي هر جائز مسئلي لاءِ ڪوشش ڪندا رهنداسين، ريلي ۾ ممتاز ملاح، عبدالجبار ڏاوچ، ظهورالدين وسطڙو، جنسار بوزدار، ناصر کوکر، محسن مگسي، شاڪر خانزادو، رميز مگسي، باقر رضا ڪليري، عاشق خاصخيلي، رائو وقاص کانسواءِ وڏي انگ ۾ ملازم شريڪ هئا.