ٽنڊوڄام ڪنر آئل فيلڊ جي گيٽ آڏو او جي ڊي سي ايل جي ڪچن ملازمن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) او جي ڊي سي ايل ۾ ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف ستن ڏينهن کان احتجاج جاري، ڪنر آئل فيلڊ جي گيٽ آڏو ڌرڻو. انتظاميه جي ڪن تي جُون به نه سُري.

خبر موجب او جي ڊي سي ايل جي ڪنر آئل فيلڊ ۾ ورڪ آرڊر تحت ٻارنهن سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن پاران پڪو ڪرڻ لاءِ غلام رضا ڪليري، جوهر ڪليري، صادق کٽي، معشوق ڪليري، غلام قاسم ڪليري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ستين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. احتجاجي ملازمن ريلي ڪڍي، ڪنر آئل فيلڊ جي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاجي ملازم انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رهيا. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ستن ڏينهن کان ورڪ آرڊر تحت ڪم ڪندڙ 55 ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر انتظاميه جي ڪن تي جُونءَ به ناهي سُري. هنن چيو ته ڪنر آئل فيلڊ ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪري فورن پڪو ڪيو وڃي ٿو پر مقامي ملازمن کي ٻارنهن سال گذرڻ باوجود پڪو نه پيو ڪيو وڃي.

هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ورڪ آرڊر تحت ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي مستقل ڪري پگهارون وڌايون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.