پي ايس ايل: ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ اڄ آمهون سامهون ٿيندا
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

ڪراچي: (اربع 24 فيبروري 2021ع) پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ آمهون سامهون ٿيندا.
ٻئي ٽيمون شام جو ستين وڳي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. ڪراچي ڪنگز جا بابر اعظم، شرجيل خان، محمد عامر اهم هٿيار آهن. اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ايلڪس بيلز، ليوس گرگزي ۽ حسن علي جو سهارو آهي. ڪراچي ڪنگز کي پوائنٽس ٽيبل تي برتري حاصل آهي انهن هينئر تائين هڪ ميچ کيڏي ٻه پوائنتون حاصل ڪيون آهن ۽ ٻئي پوزيشن تي آهي.
اسلام آباد يونائيٽيد هڪ ميچ کيڏيو آهي ۽ ان جا به ٻه پوائنٽس آهن پر نيٽ رن ريٽ سبب ان جي پوزيشن ٽيون نمبر آهي. يونائيٽيڊ جي ٽيم پي ايس ايل 6 ۾ پنهنجو پهريون ميچ ملتان سلطان جي خلاف کٽيو هو. ڪراچي ڪنگز ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
پوائنٽس ٽيبل تي لاهور قلندر پهرين، ڪراچي ڪنگز ٻئين ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽئين نمبر تي آهن. پشاور زلمي چوٿين، ملتان سلطان پنجين ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ڇهين نمبر تي آهن.

66