دپيڪا کانپوءِ رنوير سنگهه به ”پارٽي گرل“ جو متوالو ٿي ويو

news

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون کانپوءِ سندس مڙس ۽ اداڪار رنوير سنگهه به ”پارٽي گرل“ جو متوالو ٿي ويو.

دنانير جي عام وڊيو”پاوري هو رهي“ پنهنجي منفرد انداز جي ڪري سوشل ميڊيا تي جهنگ جي باهه وانگي ڦهلجي وئي جنهن ڏسندي ڏسندي پاڪستان ۽ ڀارت جي ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

رنوير سنگهه انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو دنانير جي انداز سان چئي رهيو آهي” يي هي همارا گاجر ڪا حلوا، يي هم هين اور پارٽي هو رهي هي“