خامنائي جي ڌمڪين ۾ اچي پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪنداسين:آمريڪا

news

واشنگٽن:آمريڪا واضح ڪيو آهي ته سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي ڌميڪن ۾ اچي اسان ايران بابت پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪنداسين.

عالمي خابرو اداري موجب وائٽ هائوس جي ترجمان جين ساڪي ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته يورينيم افزودگي روڪڻ وارين ڳالهين تي راضي ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ايران تي لڳل پابنديون نه ختم ڪندو.

جين ساڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي جوهري پروگرام جاري رکڻ ۽ يورينيم جو مقدار وڌائڻ جي تڪراري بيان ۾ نه اينداسين ۽ نه وري آمريڪا پنهنجي پاليسي تبديل ڪندو.