نائيجيريا ۾ اوڻونجاهه ساله عورت هڪ ئي وقت ڇهن ٻارن کي جنم ڏنو

news

ابوجه: (اربع 24 فيبروري 2021ع)نائيجيريا ۾ 49 ساله عورت هڪ ئي وقت 6 ٻارن کي جنم ڏنو آهي جڏهن ته چار سال اڳ به ان وٽ جاڙا ٻار پيدا ٿيا هئا.

برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب نائيجيريا ۾ هڪ ماءُ 6 صحتمند ٻارن کي جنم ڏنو آهي. 49 ساله  ڊيڪنيس ڊورس ليوي ولن 4 ڇوڪرين ۽ 2 ڇوڪرن کي جنم ڏنو جڏهن ته 6 سال اڳ به ان وٽ جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي هئي. والدين ڇهن ٻارن جا نالا انگريزي لفظ ايم کان شروع ٿيندڙ نالا رکيا آهن يعني مريڪل، ميرسي، ميراث، ماروس، مارويڊز ۽ ميرابل جوڙي جا 8 ٻار ٿي چڪا آهن جنهن تي هو تمام گهڻو خوش آهن.

حيران ڪندڙ طور تي ٻارن جي پيدائش گهر تي ئي ٿي جنهن ۾ پاڙي جي ڪجهه عورتن مدد ڪئي هئي. ڊيڪنيس ڊورس ليوي ولن جي شادي 1994ع ۾ ٿي هئي پر هو 21 سالن  کان ماءُ بنجڻ کان محروم رهي. هن وٽ پهريون ڀيرو 2015 ۾ جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي هئي. ڊيڪنيس ڊورس ليوي ولن بي بي سي جي مقامي صحافي کي ٻڌايو ته 21 سالن بعد جاڙن ۽ هاڻ 6 ٻارن جي پيدائش جو سبب ديسي جڙي ٻوٽين سان علاج ۽ مساج آهي.

هي اولاد کان محروم جوڙن جي علاج جو مقامي طريقو آهي جيڪو صدين کان هلندو پيو اچي. واضح رهي ته 2009 ۾ آمريڪي عورت هڪ ئي وقت 8 ٻارن کي جنم ڏئي آمريڪا ۾ ئي 1997ع ۾ 7 ٻارن جي پيدائش جو رڪارڊ ٽوڙيو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي.