صارفين جو انتظار ختم، اسپوٽيفائي جلد پاڪستان اچي رهيو آهي

news

لنڊن: (اربع 24 فيبروري 2021ع) ميوزڪ جي شوقين ماڻهن جو انتظار ختم ٿيو ڇو ته هاڻ پاڪستان ۾ به دنيا جو مشهور ترين سوئڊش آڊيو اسٽريمنگ اينڊ ميڊيا پرووائڊر اسپوٽيفائي لانچ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. تازو ئي اسپوٽيفائي پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان اعلان ڪيو آهي ته هو جلد پاڪستان، بنگلاديش ۽ نائيجيريا سميت ٻين 80 ملڪن ۾ لانچ ڪيو ويندو.

اسپوٽيفائي جي ذريعي سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي ميوزڪ اسٽريمنگ سروس دستياب آهي ۽ پاڪستان ۾ اسپوٽيفائي لانچ ٿيڻ هڪ خوشي جوڳو قدم آهي. ياد رهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ ٽوئٽر تي اسپوٽيفائي کي پاڪستان ۾ لانچ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ٽرينڊ هلي رهيو هو ۽ صارفين طرفان پرزور مطالبو ڪيو پئي ويو ته اها سروس پاڪستان ۾ به هجڻ گهرجي.

صارفين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عوام موسيقي جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جو پليٽ فارم موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو.

نومبر 2020 ۾ مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اسپوٽيفائي پاڪستان جي نالي سان ويريفائيڊ يعني تصديق ٿيل اڪائونٽ به ٺاهيو هو. پر ڪمپني طرفان پاڪستان ۾ اسپوٽيفائي لانچ ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو هو.