اجي سان پنهنجي بواءِ فرينڊ جي شڪايت ڪندي هئس: ڪاجول

news

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن ۽ اداڪاره ڪاجول جي جوڙي جو ڳاڻيٽو ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور جوڙين ۾ ڪيو ويندو آهي.

1999 ۾ شادي ڪندڙ بالي ووڊ جي هيءَ جوڙي گذريل 22 سالن کان خوشگوار زندگي گذاري رهي آهي، اداڪار جوڙي کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي جو اولاد آهي.

ڪجهه وقت اڳ ڪاجول ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته اجي ۽ سندس جو هڪ سين شوٽ ٿيڻو هو ۽ سين اهو هو ته مونکي اجي کي ٿڦڙ هڻڻو هو ۽ اجي کي منهنجو هٿ پڪڙڻو هو ته جيئن آئون ائين نه ڪري سگهان.

ڪاجول ٻڌايو ته مونکي اهو لمحو اڄ به يا آهي جڏهن اجي کي ڏسي اهو سوچي رهي هئس ته او منهنجا خدا هي اهو ماڻهو آهي جيڪو منهنجي زندگي ۾ چمڪ بڻجي آيو ۽ آئون ايترو ڄاڻان ٿي ته هي ماڻهو منهنجي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارو آهي.

اداڪاره جو چوڻ هو ته ٻن سالن تائين سندس وچ ۾ ڪو لاڳاپو قائم نه ٿيو ڇو ته هو ٻين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ جٽيل هئا، ايتري تائين به جو آئون اجي سان منهنجي بواءِ فرينڊ جي باري ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪندي هئس.

ڪاجول چيو مونکي ياد آهي مونکي بواءِ فرينڊ سان ڪا شڪايت هوندي هئي ته ان جو ذڪر اجي سان ڪندي هئس ۽ هو مونکي بابا جي ۽ گروجي وانگي نيڪ مشورا ڏيندو هو.