ڏهرڪي: مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پسٽل جا فائر ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو

news

ڏھرڪي(رپورٽ:امداد علي سومرو) ڏھرڪي جي صديق ڪالوني ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ مڙس اسد علي جٽ پنھنجي نوجوان زال مسمات ثناءَ جٽ کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي.

اھڙي اطلاع تي ڏھرڪي پوليس پھچي مقتولا عورت جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو. جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. 

ھوڏانھن ڏھرڪي پوليس اھڙي واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جوابدار اسد علي جٽ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ڏھرڪي پوليس موجب اھڙي واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ٿي ناھي سگھيو.