سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرام جي رهجي ويل سيٽن تي اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري تحت داخلائن جو اعلان

news

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران بيچلر ڊگري پروگرام جي رهجي ويل سيٽن تي اسپيشل سيلف فنانس تحت داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڊائريڪٽر ايڊميشنز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جن به اميدوارن بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ تعليمي سال 2021ع ۾ درخواستون ڏنيون ۽ سندن داخلا نه ٿي هجي يا کين پنهنجو پسنديده شعبو نه مليو هجي ته اهي اِي پورٽل تي وڃي رهجي ويل سيٽن تي پنهنجن پسنديده شعبن جي چونڊ ڪري اِي پورٽل ذريعي آن لائين درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا، جن کي 25 سيڪڙو واڌو في سان اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري تحت داخلائون ڏنيون وينديون.

پڌرائي موجب اِي پورٽل ذريعي آن لائين درخواستون 26 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون، جنهن بعد پهرين مارچ 2021ع تي اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري واري ميرٽ لسٽ لڳائي ويندي. ڪامياب اميدوار 2 مارچ کان 5 مارچ تائين داخلا في جمع ڪرائي سگهندا.