news
ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽي پاران اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري تحت ايل ايل بي پنج سالا پروگرام ۾ داخلائن جو اعلان

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ايل ايل بي (5 سال) بيچلر ڊگري پروگرام مان رهجي ويل سيٽن تي اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري تحت داخلائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڊائريڪٽر ايڊميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙا اميدوار جن جي هيڪ پاران ورتل لاء ايڊميشن ٽيسٽ (ليٽ) پاس آهي ۽ انهن جي داخلا نه ٿي سگهي، اهي تعليمي سال 2021ع لاءِ اسپيشل سيلف فنانس ڪيٽيگري تحت داخلائن لاءِ آن لائين درخواستون 26 فيبروري 2021ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته ميرٽ لسٽ پهرين مارچ تي لڳائي ويندي ۽ ڪامياب اميدوار 2 مارچ کان 5 مارچ 2021ع تائين پنهنجي داخلا في جمع ڪرائي سگهندا.