ناليواري شخصيت سيد اختر بخاري جو سرڪاري طور علاج ڪرائڻ لاءِ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ جي چيئرمين، سنڌي ادب ۽ صحافت جي نامور شخصيت سيد اختر بخاري جو  سرڪاري طور معياري علاج ڪرائڻ لاءِ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بخارا ٻيرڙي، شاخ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۽ امير بخاري اڪيڊمي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي بازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي شاهه خالد، لياقت بوزدار، قربان بوزدار، زين بخاري، آفتاب ڪلادي، سليم بوزدار، حق نواز سومرو، هدايت ڪلادي، صدام بوزدار، منان ٻرڙو، رحمت الله منگي، اظهر مهر، حنيف سومرو، حسن ڪلادي سميت ڏات ڌڻين سکر جي اسپتال ۾ انتهائي نازڪ حالت ۾ داخل سيد اختر بخاري جو فوري سرڪاري طور معياري علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.