ڄامشورو ۾ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي ڪورونا رسڪ الائونس نه ڏيڻ خلاف احتجاج

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽيز سان لاڳاپيل اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينيڪل فيڪلٽي ڊاڪٽرس کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ڏيڻ خلاف ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

اڳواڻن سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلينڪ فيڪلٽي کي ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کين جلد رسڪ الائونس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.