ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي ڪئنال سميت مختلف واهن جي ڪنارن تي اڏاوتن خلاف آپريشن، متاثرين جو احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان  (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي ڪئنال سميت مختلف واهن جي ڪنارن تي اڏاوتن خلاف شروع ڪيل آپريشن ۾ ڪيترائي گهر، دڪان، هوٽلون مسمار، متاثرين جو احتجاج، مالڪاڻا حق حاصل ڪندڙ شهرين جو اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو.

ٽنڊو محمد خان جي ڦليلي ڪئنال، چئنل واهه ۽ ٻين واهن تان آبپاشي کاتي جي طرفان ناجائز اڏاوتن جي خلاف 12 ڏينهن آپريشن جو سلسلو جاري رکيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي گهر، دڪان، هوٽلون ڊاهي مسمار ڪيا ويا.

شهر جي ڦليلي روڊ تي اڏاوتن هٽائڻ سبب گهرن، دڪانن کان محروم ٿي ويل پورهيتن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ڪرڻ کانپوءِ علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويو، بک هڙتالي ڪئمپ تي سياسي سماجي اڳواڻن اختر هاليپوٽو، عبدالحڪيم دستي سميت ٻين پهچي متاثرين جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کان متاثرين جي ڪيل نقصان جو ازالو ڪري ڏيڻ ۽ گهر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.