عمر نه راند ڏسو، حفيظ جو تنقيد ڪندڙن کي مشورو
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

لاهور: محمد حفيظ مٿس تنقيد ڪندڙن جي سلسلي ۾ چيو آهي ته منهنجي عمر نه پر راند ڏسو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ويب سائيٽ تي ڳالهائيندي 40 سالن جي محمد حفيظ چيو آهي ته جڏهن ماڻهو منهنجي عمر وڌي وڃڻ جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڏک ٿيندو آهي، بهرحال هنن جي راءِ جو احترام ڪيان ٿو پر اهڙي تاثر کي تبديل ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچي پرفارمنس ڪندو آهيان جنهنجي مونکي ڪاميابي پڻ ملندي آهي.
هن چيو ته خاص ڪري گذريل سان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪيترن ئي موقعن مان فائدو ورتو، فٽنس اهڙي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته جيئن جونيئرز کي چيلينج ڪري سگهان.

108