چين غربت خلاف جنگ کٽي ورتي آهي:جن پنگ

news

بيجنگ: چيني صدر شي جن پنگ اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ غربت خلاف جنگ ۾ مجموعي طور فتح حاصل ڪري ورتي آهي.

چين جي صدر بيجنگ ۾ هڪ تقريب دوران غربت خاتمي لاءِ چين جي ڪوششن جي مڪمل فتح جو اعلان ڪيو، صدر پنگ جي قيادت تي گذريل 8 سالن ۾ تقريبن 100 ملين ماڻهن کي غربت جي گهاڻي مان ڪڍڻ جو سهرو آهي، سال 2020 ۾ چين جي ٻهراڙي ۾ آمدني ساليانو 619 آمريڪي ڊالرن تائين وڃي پهتي.

ياد رهي ته گذريل سال سموري دنيا ۾ ڪورونا وبا سبب معاشي سرگرميون محدود ٿي ويون، ڪورونا وبا جي شروعات چين کان ٿي جتي 89 هزار 871 ماڻهو مرض کان متاثر ٿيا پر چيني حڪومت فورن ايڪشن کڻندي ڪورونا کي نه فقط شڪست ڏني پر پاڪستان سميت پوري دنيا جي ٻين ملڪن کي به ڪورونا سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڏني، عالمي لاڪ ڊائون دوران معاشي نقصان باوجود چين جي تازو ترقي ۽ غربت کان ڇوٽڪارو دنيا لاءِ رشڪ آهي.