اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محرم کوسو جو پرائمري اسڪول ٻن مهينن کان استاد کان محروم، شاگرد تعليم کان محروم

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محرم کوسو جو پرائمري اسڪول ٻن مهينن کان استاد کان محروم، مقرر ٿيل استاد رٽائر ٿي ويو. ضلعي مٽياري جي انتظاميه کي اڃان تائين هوش نه آيو، سوين شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آهن.

استاد مقرر نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻي قربان کوسو سميت اسڪول جي شاگردن پاران احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺاڻي قربان کوسو چيو آهي ته ٻن مهينن کان سوين شاگرد جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسڪول ۾ استاد نه هجڻ جو ضلعي مٽياري جي انتظاميه کي پڻ بار بار آگاهه ڪيو ويو آهي پر ان باوجود اڃان تائين استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي.

هنن تعليم واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کي اپيل ڪئي آهي ته ڳوٺ محرم کوسو ۾ استاد مقرر ڪري سوين شاگردن جي تعليم کي بچايو وڃي.