عورت آزادي مارچ جي سلسلي ۾ وومنز ايڪشن فورم ۽ وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي وفد ٽنڊو ڄام جي ڳوٺن جو دورو ڪيو

news

حيدرآباد: عورت آزادي مارچ ڪيمپين جي سلسلي ۾ اڄ وومنز ايڪشن فورم ۽ وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي وفد سافڪو جي عظمي تبسم سان گڏ ٽنڊو ڄام جي پسگردائي ۾ ڳوٺن جو وزٽ ڪيو.

ڳوٺ آبڙي ۽ ساوڻ خان گوپانگ ۾ وڃي عورتن کي عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ عورتن تي وڌندڙ تشدد ۽ عورتن جي بنيادي حقن بابت آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي عورتن ڌيان سان ڳالھيون ٻڌيون ۽ سوال پڻ پڇيا. 

جڏهن ته وفد ٽنڊو ڄام جي ڪرسچن ڪميونٽي سان پڻ ملاقات ڪئي وئي. 

انھن جي اھم مسئلن تي ڳالھ  ٻولھ ٿي، وفد جي ميمبرن مذھبي ھم آھنگي جي اھميت تي پڻ ڳالھ ڪئي. 

وفد ۾ وومين ڊيموڪرٽڪ فرنٽ جي  ماروي لطيفي، وومنز ايڪشن فورم جي حسين مسرت، گلبدن، جاويد مرزا ۽ نسيم جلباڻي شامل ھيون، جڏهن ته سافڪو پاران عظمي تبسم شرڪت ڪئي.