بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ٻن ڏينهن کان گم زميندار جو لاش مڇي جي تلاءُ مان هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر.
خبر موجب بدين جي چانڊيا نگر پاڙي جو رهواسي زميندار برادري جو نيڪ مرد 44 ورهين جو اصغر پٽ صالح چانڊيو جيڪو ٻه ڏينهن پهرين گهران زمين تي وڃڻ جو چئي نڪتو هو جو ٻن ڏينهن بعد شهر ڀرسان ٽنڊوباگو روڊ تي سندس ئي مڇي جي تلاءُ مان لاش مليو آهي.
ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي صبح جو سوير مال چارڻ لاءِ ويندڙن تلاءُ ۾ لاش ڏسي اهڙو اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس سرزمين تي پهچي لاش ڪڍرايو، جنهن جي سڃاڻپ 44 ورهين جي اصغر چانڊيو طور ٿي آهي.
ان ڏس ۾ ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي زميندار جي موٽرسائيڪل گولاڙچي روڊ تي ميرواهه موري کان ڏکڻ طرف هڪ زرعي فارم ڀرسان ملي آهي.
جڏهن ته فوتي زميندار جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته فوتي زميندار جي ڳچي تي رسي جي نشان سان گڏ منهن ۽ پٺن تي ڌڪن جا نشان پڻ موجود هئا.
ٻئي طرف بدين پوليس لاش کي انڊس اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.