پاڪ فضائيه طرفان ڀارتي جهاز ڪيرائڻ کي ٻه سال مڪمل

news

لاهور: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) پاڪ فضائيه طرفان ڀارتي ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرائڻ جا 2 سال مڪمل ٿي ويا.

27 فيبروري 2019 تي پاڪ فصائيه سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش کي ناڪام بنائيندي ڀارت جي 2 ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرائي هڪ ڀارتي پائلٽ ابهي نندن کي گرفتار ڪيو هو. پاڪ فضائيه ان ڪاميابي کي آپريشن سوئفٽ رينورٽ جو نالو ڏنو هو. ڀارتي جهاز پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا پر شاهينن کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو ئي وزن ڪيرائي ڀڄي ويا  جنهن سان ڪجهه وڻن کي نقصان پهتو ٻئي ڏينهن پاڪستان ڏينهن جي روشني ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

هوڏانهن پاڪ فضائيه آپريشن سوفٽ رينارٽ جي مناسبت سان پنهنجو نئون ملي گيت(صدائي پاڪستان) جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي گلوڪار علي حمزه ڳايو آهي جڏهن ته ان جا ٻول شهزاد نير تخليق ڪيا. عڪسبندي مشهور ڊائريڪٽر زوهيب قاضي ڏني آهي. هي گيت پاڪ فضائيه جي جوانن جي جرئت ۽  بهادري کي خراج تحسين آهي.