اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ سان ثابت ٿيو ته حڪومت چوري ڪئي آهي: مريم نواز
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

لاهور: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته توهان چوري ڪئي آهي.
سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽويٽ ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشڻ جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ سان ثابت ٿي ويو آهي ته اوهان چوري ڪئي آهي ۽ ووٽ چوري ۾ ملوث آفيسرن کي بچائڻ ثابت ڪري ٿو ته چوري اوهان جي چوڻ تي ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته ٻيهر اليڪشن کان ڀڄڻ ثابت ڪري ٿو ته اوهان کي خبر آهي ته عوام اوهان جون ضمانتون ضبط ڪري ڇڏيندي. پر الله جي لٺ بي آواز آهي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته جسٽس وجيهه الدين تحريڪ انصاف اليڪشن جا راز کوليا ته ان کي پارٽي مان ڪڍيو ويو. هاڻ اليڪشن ڪميشن چوري پڪڙي ته اپيلون ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن عوام اوهان سان گڏ آهي ته اوهان ميدان تان ڇو ڀڳا آهيو؟ اوهان ڌانڌلي ڪندڙ اهلڪارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ان ڪري بيچين آهيو ته هو ڪٽهڙي ۾ اوهان جو نالو وٺندا؟ ۽ ان کان پوءِ اوهان جي راند ختم.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ۾ ننڍي چونڊ جي ووٽ دوران مختلف واقعن ۾ فائرنگ ۽ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ جي نتيجن کي روڪي ڇڏيو هو ۽ مسلم ليگ(ن) طرفان تڪ جي 20 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جي درخواست ڪئي هئي. پر چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ(ن) جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي تڪ اين اي 75 ڊسڪه بابت فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته پوري تڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

58