پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گہڻو متاثر ٿيو آهيان:ڀارتي پائليٽ اڀينندن
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

اسلام آباد: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) پاڪ ڀارت اسٽينڊ آف کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارتي پائليٽ ابهي نندن جو اهم بيان به سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان.
چاهيان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي عوام سڪون سان رهي ۽ ڪشمير معاملي تي سڪون سان ويهي سوچڻو پوندو. رپورٽ موجب 27 فيبروري 2019 تي پاڪستان ايئرفورس پاڪستان حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي 2 ڀارتي جهاز ڪيرايا هئا ۽ جهاز پاڪستاني حدن ۾ ڪرڻ سبب ان ۾ موجود ڀارتي پائليٽ ابهي نندن کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ وزيراعظم عمران خان خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ڀارتي پائليت وڌيڪ چيو ته مٿان کان هيٺ ايندي مون ٻئي ملڪ ڏٺا ۽ مٿان کان مون کي ٻنهي ملڪن ۾ ڪنهن به قسم جي فرق جي خبر نه پئجي سگهي ۽ جنهن وقت مان هيٺ ڪريس ته مون کي اها به خبر نه پئي ته مان پاڪستان ۾ آهيان يا پنهنجي ملڪ ڀارت ۾ اهيان ڇو ته ٻئي ملڪ هڪ جهڙا ئي لڳندا هئا ۽ ماڻهو به مون کي هڪ جهڙا ئي لڳا.
ڀارتي ڀائليٽ وڌيڪ چيو ته مٿان کان هيٺ ڪرڻ سبب مون کي ڪافي ڌڪ لڳا هئا جنهن سبب مان چري پري به نه پئي سگهيس ته مون اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان ڪهڙي ملڪ ۾ آهيان جنهن کان پوءِ مون کي لڳو ته مان پنهنجي ملڪ ۾ نه آهيان ته مون ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران مون کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪجهه ماڻهو منهنجي پويان ڀڳا ۽ انهن مون کي پڪڙي ورتو.
ابهي نندن چيو ته ان وقت پاڪستان آرمي جا 2 جوان آيا ۽ مون کي ماڻهن کان بچايو جيڪي مون کي ماري رهيا هئا ان مان هڪ پاڪستان آرمي جو ڪپتان هو. جنهن کان پوءِ هو مون کي پنهنجي يونٽ کڻي ويا جتي مون کي فرسٽ ايڊ ڏنو ويو جنهن کان پوءِ مون کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي منهنجي جانچ ٿي ۽ مون کي ايڊ ڏنو ويو ۽ ان کان پوءِ مان پنهنجي جڳهه تي آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني آرمي هڪ پروفيشنل فوج اهي. مان پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. جنگ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن امن نه هوندو. مان اهو چاهيان ٿو ته اسان جي ملڪ ملڪ ۾ امن رهي ۽ اسان امن ۾ رهي سگهون. اسان کي ٿورو سڪون سان سوچڻو آهي. ڇا ٿي رهيو آهي ڪشميرين سان ان جي باري ۾ نه مون کي خبر آهي ۽ نه وري اوهان کي.

47