ڀارتي جارحيت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم پاران قوم ۽ فوج کي مبارڪباد

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني جارحيت تي اسان جي جوابي ڪارروائي کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن جنهن تي مان قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

پاڪستان جي خلاف فصائي حملي جي شڪل ۾ ڀارت جي غيرقانوني جارحيت تي اسان جي جوابي ڪارروائي کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي مان قوم کي مبارڪباد ۽ پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو. هڪ بااعتماد ۽ فخر جوڳي قوم جي ناتي اسان پوري عزم ۽ استقلال سان پنهنجي مرضي جي وقت ۽ هنڌ تي جواب ڏنو. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران غير ذميوارانه رويي جو اظهار ڪيو ويو. اسان هميشه امن جو علم بلند ڪيو آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سمورن تڪرارن جو حل ڪڍڻ لاءِ تيار رهندا آهيون.

وزيراعظم چيو ته ايل او سي جنگبندي جي بحالي جي آجيان ڪريان ٿو. وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي هوندي آهي. هندستان ڪشمير جي پراڻي مطالبي جي منظوري ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾  انهن کي حق خود اراديت جي فراهمي لاءِ ضروري قدم کنيا.

وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جي حق خود اراديت جي لاءِ ڀارتين کي قدم کڻڻا پوندا ڪشميرين جي پراڻي مطالبي کي يو اين قراردادن تي پورو ڪرڻو پوندو. پاڪستان پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڀارتي پائلٽ واپس موڪليا.