سينيٽ چونڊون: شهباز شريف جي لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي درخواست رد
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

لاهور: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جي لاءِ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب قومي اسيمبلي کان علاوه ڪنهن ٻئي هنڌ ووٽ وجهڻ جي سهوليت نٿي ڏئي سگهجي. شهباز شريف سميت ٻيا گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر هال ۾ ووٽ وجهي سگهن ٿا.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اڳ ئي گرفتار اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آردر جاري ڪري چڪو آهي. شهباز شريف اليڪشن ڪميشن کي لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي سهوليت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
واضح رهي ته سينيٽ چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون. شهباز شريف لاهور ۾ گرفتار آهي پر سينيٽ چونڊن ۾ شموليت جي لاءِ شهباز شريف سميت سمورن گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جا پروڊڪشن اڊر جاري ٿي چڪا آهن.

48