ليڊي گاگا جا چوري ٿيل مهانگا ڪتا ملي ويا

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) مشهور آمريڪي پاپ گلوڪاره ليڊي گاگا جا چوري ٿيل 2 اعليٰ نسل جا مهانگا ڪتا کيس واپس ملي ويا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب لاس اينجلس پوليس ٻڌايو آهي ته هڪ عورت ليڊي گاگا جي ٻنهي ڪتن کي کڻي پوليس اسٽيشن پهتي جنهن جي اطلاع ملڻ تي ليڊي گاگا جي نمائندي ۽ جاسوسن اسٽيشن وڃي تصديق ڪئي ته هي ان جا ئي ڪتا آهن. پاپ گلوڪاره ليڊي گاگا في الحال هڪ فلم جي عڪسبندي جي لاءِ روم ۾ آهي.

عورت جي حفاظت ۽ معاملي جي جاچ سبب ڪتا ملڻ جي هنڌان ۽ عورت جي حوالي سان تفصل جاري ناهن ڪيا ويا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ويسٽ هالي ووڊ ۾ واقع گلوڪاره جي گهر جي ويجهو ان جو ملازم ان جي 2 ڪتن کي وهنجاريندي گهر مان ٻاهر نڪتو هو ان دوران 2 نامعلوم حملي آورن ان کان ڪتا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي ان مٿان فائرنگ ڪري ڇڏي. سيني تي 4 گوليون لڳڻ سبب ملازم هيٺ ڪري پيو ۽ حملي آور 2 اعليٰ نسل جا مهانگا ڪتا کڻي فرار ٿي ويو هو.