پي ايس ايل؛ ڪراچي ڪنگز پاران ملتان سلطان جي خلاف بالنگ جو فيصلو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) ڪراچي ڪنگز ملتان سلطان جي خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ملتان سلطان گذريل ڏينهن لاهور قلندر جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽيڊ جي خلاف شڪست کان پوءِ اڄ ميدان ۾ لٿي آهي.

ٻنهي ٽيمن اڄ پنهنجي ٽيم مان ڪابه تبديلي ناهي ڪئي ۽ ساڳيا ئي رانديگر ميچ کيڏندا جنهن گذريل ميچز ۾ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي.

پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ 2 ميچز کيڏيا ويندا. پهريون ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطان جي وچ ۾ جڏهن ته ٻيون ميچ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وچ ۾ شام جو ستين وڳي کيڏيو ويندو.