چين ۾ ست ٻارن جي پيدائش تي ڪروڙين روپيه ڏنڊ
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

بيجنگ: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) چين ۾ هڪ جوڙي کي ست ٻار پيدا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪروڙين روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ 2 کان وڌيڪ ٻارن جي پيدائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جوڙن کي ڳرو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو آهي پر ست ٻارن جي والدين اهو ڏنڊ خوشي سان ادا ڪيو. ان چيني جوڙي جي هڪ کان 14 ساله 5 پٽ ۽ 2 ڌيئرون آهن. ٽئين ٻارڙي جي پيدائش تي انهن کي هر ٻار جي پيدائش تي ڏند ادا ڪرڻو پوندو هو جيڪو گڏيل طور تي اڍائي ڪروڙ روپيه بڻجي ٿو.
وڌيڪ ٻارن جي خواهش 34 ساله زينگ رينگ جي هئي جڏهن ته ان جي 39 ساله مڙس به وڏي خاندان کي وڌيڪ اهم سمجهندو آهي. جوڙي جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان پوڙها ٿي وينداسين ته هي ٻار اسان وٽ هوندا ۽ اسان جوخيال بهتر طريقي سان رکي سگهندا.
واضح رهي ته چين ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻارن جي پيدائش تي پابندي کي ملڪ ۾ بزرگ شهرين جي وڌندڙ آبادي ۽ شرح پيدائس ۾ ڳڻتي جوڳي گهڻتائي سبب 2018 ۾ ختم ڪري ٻن ٻارن جي پيدائش جي اجازت ڏني وئي هئي.

146