عليزي شاهه کي ميڪ اپ کان وڌيڪ اداڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: آغا علي

news

لاهور: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار آغا علي چيو آهي ته نوجوان اداڪاره عليزي شاهه کي ميڪ اپ کان وڌيڪ اداڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

تازو ئي اداڪار شهروز سبزواري جي گهر واري صدف ڪنول حنا الطاف ۽ آغا علي جي شو ۾ جلوا ڏيکاريا جنهن دوران پروگرام جي هڪ حصي ۾ شهروز ۽ آغا ٻنهي کي هڪ ٻئي کان سوال ڪرڻا هئا. ان سيمنٽ ۾ اداڪار شهروز سبزواري آغا علي کان سوال  ڪيو ته ڪنهن اداڪاره کي ميڪ اپ کان وڌيڪ اداڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

سوال جي جواب ۾ اداڪار آغا علي پهريان کليو ۽ پوءِ عليزي شاهه جو نالو کنيو. ياد رهي ته نوجوان اداڪاره عليزي شاهه جو شمار ان پاڪستاني اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي جنهن گهٽ وقت ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪئي.

عليزي شاهه گڏ ڪيترن ئي پاڪستاني  ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ هاڻ هو جلد اردو فلڪس جي هڪ ويب سيريز ۾ به نظر ايندي.