سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت دير ڪري ڇڏي، سندس اتحادي اسان سان رابطي ۾ آهن: بلاول
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

ڪوهاٽ: (ڇنڇر 27 فيبروري 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهيون.
ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام کي نالائق ۽ ناجائز حڪومت کان بچائينداسين. سي پيڪ جي بنياد پيپلز پارٽي ۽ آصف علي زرداري رکي هئي. سي پيڪ نالو ان لاءِ رکيو ويو ته اسان کي ڏوراهين علائقن کي فائدو پهچائڻو هو پر نالائق حڪومت سي پيڪ منصوبو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳيان آهي ۽ هن حڪومت ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڌانڌلي زده حڪومت ملڪ ۾ بحران پيدا ڪيو آهي ۽ عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ اڄ مهانگائي افغانستان ۽ بنگلاديش کان به وڌيڪ آهي. ڪٺ پتلي حڪومت ۾ صلاحيت ناهي جو هو حڪومت هلائي سگهي. پ پ چيئرمين چيو ته سياستدان هجي يا عدليه، فوج يا سرڪاري ملازم. جڏهن سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو قانون هوندو تڏهن ئي ڪرپشن جي ناسور کي ختم ڪري سگهجي ٿو. بلين ٽرين، عليمه باجي جي سلائي مشينن سميت هر جڳهه تي ڪرپشن آهي. هن نالائق حڪومت جو هر ميدان ۾ مقابلو ڪري رهيا آهيون.
ننڍي چونڊن ۾ فتح ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام تحريڪ انصاف سان گڏ ناهي پر پي ڊي ايم سان گڏ آهي. بلاول چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينداسين حڪومت کي پهريون ڀيرو پنهنجي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادين سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو پر هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي. ساڳيا ئي ايم اين ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطي ۾ آهن. هي انهن جي لاءِ هڪ موقعو آهي هو ثابت ڪن ته هو عوام سان گڏ آهن يا ڪٺ پتلي سان گڏ بيٺل آهن. بلاول وڌيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني کي اسلام آباد مان پي ڊي ايم جو اميدوار بيهارڻ تي حڪومت تمام گهڻي پريشان آهي.
حفيظ شيخ کي ڪامياب ڪرائڻ مهانگائي ۾ واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي جي برابر آهي. يوسف رصا گيلاني جي ڪاميابي سان پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيندو ۽ جمهوريت ڪامياب ٿيندي. سينيٽ چونڊن کان پوءِ لانگ مارچ ٿيڻو آهي هن مارچ لاءِ عوام تياري ڪري. ڪٺ پتلي ناجائز وزيراعظم کي گهر موڪلينداسين.

58