ميهڙ ڀرسان رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي حددخلين خلاف ڪارروائي، ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ، متاثرين جو احتجاج
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميهڙ ڀرسان عدالتي حڪمن تي رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تان غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي ويئي آھي.
آبپاشي کاتي جي انجنيئر احمد نواز مگسي ۽ مختيار ڪار ميهڙ الله بخش مگسي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڪولاچي ڀرسان رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي اڏيل گهر، دڪان، مينهن جا واڙا ۽ ٻيون غيرقانوني اڏاوتون ڪرين مشينن جي ذريعي ڊاهي پٽ ڪيون ويون آھن، جنهن سبب متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن.
ان موقعي تي متاثرين احتجاج ڪندي چيو ته رڳو غريبن جا اجها ڊاٿا پيا وڃن، جڏهن ته اميرن کان رشوت وٺي انهن جي گهرن کي هٿ به نه پيو لاٿو وڃي.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي جي انجينئر احمد نواز مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي واهن، شاخن، ڪئنالن ۽ بئراجن جي ٻنهي ڪپرن تي بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضا هٽايا پيا، جڏھن ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ 88 واهن شاخن، ڪئنالن ۽ بئراجن مان 15 شاخن تان قبضا هٽائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سرڪاري ملڪيتن تي ٿيل سمورا قبضا بنا فرق جي هٽايا ويندا ۽ ڪنهن به قبضا خور کي بخش نه ڪيو ويندو، قانون سڀني لاءِ ھڪجهڙو آھي.

80