مبارڪپور ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) گهوٽڪي جو پريمي جوڙو پريس ڪلب مبارڪپور پهچي مائٽن ۽ گهوٽڪي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.
پريمي جوڙي خالد حسين پٺاڻ ۽ شازيه چوھاڻ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته وارث اسان کي پوليس جي مدد سان مارائڻ چاھين ٿا، اسان جي جانين کي خطرو آھي، تحفظ ڏنو وڃي، ھنن چيو ته اسان ڏهه ڏينھن پھريان گھوٽڪي جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن بعد منھنجي زال جا وارث مون تي اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو آھي ۽ مون شريعت محمدي جي تحت گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آھي، منهنجي گهرواري مون سان راضي آھي، مائٽ پوليس وارن جي مدد سان اسان کي مارائڻ چاهين ٿا.
شازيا چوهاڻ چيو ته اسان وزير اعليٰ سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان کي تحفظ ڏيئي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

104