مبارڪپور لڳ مينهن چوري، ڀاڳين مقابلو ڪري ورائي ورتي، چور فرار

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور شھر ڀرسان بيگاري ڪئنال تي غوث بخش ڀٽو جي چرندڙ مينھن ڏينھن ڏٺي جو گم ٿي وئي، جنھن کي مالڪن سڄو ڏينهن ڳولا ڪئي پر مينھن ھٿ ڪو نه آئي، مينھن مالڪن خفيا طور رات جو شھر ٻاھران چوطرف پنھنجا ماڻھو ويھاري ڇڏيا، رات جو تقريبن 3 بجي چورن مينھن کي شھر مان ٿم واري جاءِ کان ڪڍي ڪاھي وڃي رھيا ھئا ته ڀاڳين ۽ چورن ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کان بعد ڀاڳين مينھن ڇڏائي ورتي ۽ چور فرار ٿي ويا، جنھن بعد فائرنگ جي آواز تي گشت ڪندڙ پوليس به پھتي.

ايس ايڇ او مبارڪپور انيس احمد شيخ صحافين جي پڇڻ تي ٻڌايو ته رات ھڪ پاسي پوليس ۽ ٻئي پاسي کان ڀاڳيا خفيا طور ويٺل ھئا، مقابلي بعد مينھن کي ريڪور ڪرائي ورتوسين، چورن جي ڳولا ڪري رھيا آھيون، ڀاگين جي اچڻ تي ايف آئي آر به داخل ڪنداسين.