مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچو رام) مسوڀرڳڙي لڳ واڻڪي وسي ۾ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ اڳوڻي ھيڊ ماستر سائين غلام علي لغاري جي مان ۾ شاندار الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مھمان خاص غلام علي لغاري ھو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي رٽائر ھيڊ ماستر غلام علي لغاري چيو ته مون کي ڏک ٿي رھيو آھي ته جنھن اسڪول لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي، ان کي ڇڏڻ تي تڪليف محسوس ٿي رھي آھي ڇو ته زندگي جا پنجويهه سال ھن اسڪول کي ارپيا آهن، ھن وڌيڪ چيو ته آئون رٽائر ضرور ٿيو آھيان پر ھن اسڪول کي ٽائيم ڏيندو رھندس.
ان موقعي تي ڊي اي او حيدرآباد زين لغاري، ڊائريڪٽر فنانس اڪبر ميمڻ، ڊپٽي ڊي اي او يامين شيخ، ڊپٽي ڊي اي او شوڪت ملاح، ڊپٽي ڊي اي او غلام نبي نظاماڻي، ٽي او سٽي امداد گوپانگ، حاجي شاھد جوڻيجو، سيد اڪرام شاهه، واڻڪي وسي اسڪول جو ھيڊ ماستر لوئر سيڪنڊري اشوڪ ڪمار، سچيڏنو قمبراڻي، منظور ميمڻ، اسماعيل لغاري، پروفيسر علي نواز لغاري، عبدالستار مشوري، اشرف علي وگھيو، امير بخش ڀرڳڙي، گسٽا صدر شاهه بخش لغاري، عبدالرزاق نونداڻي، علي احمد لغاري، مھرو خان وگھيو، اسلم نونداڻي، عبدالمجيد ملاح، رحمت الله سولنگي، قنبر علي لغاري، غلام علي شاشو، نثار سولنگي، ياسين ڀٽي، ڪامريڊ نثار علي لغاري، سينئر صحافي اڪبر درس، زاھد ملاح، غلام قادر وسير، غلام مصطفيٰ بروھي، قلب علي لغاري، پانچورام، نور ترڪ، علي رضا چنڊ، ثناالله ترڪ، امجد وگھيو، محبوب خاصخيلي، اسد علي لغاري، اسڪول جو اسٽاف استاد اياز علي خاصخيلي، دين محمد بلوچ، محبوب علي لغاري، پرکو مل، ليلو مل، نزاڪت علي لغاري، صوفي خدابخش لغاري، پونجومل، لعل بخش لغاري، صوفي پير بخش، جاويد دل، الطاف لغاري، عرفان بھائي، ظفر علي ۽ وڏي تعداد ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.