ڏوڪري ۾ نينگري مرڪ ڪلهوڙو سان جنسي ڏاڍائيءَ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار جي وارثن جو پوليس خلاف احتجاج
آن لائين انڊس رپورٽر | 2 مھينا پھريان

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ۾ نينگري مرڪ ڪلهوڙو سان جنسي ڏاڍائيءَ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار سهڻل عرف رحيم شاهه جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري واقعي جي اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ڏوڪري پريس ڪلب آڏو سيد برادريءَ جي ماڻهن ساجد شاهه، صوفن شاهه، حبدار شاهه ۽ ٻين قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ۽ عورتون ساڻ ڪري احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي چيو ته نينگري مرڪ ڪلهوڙو سان جنسي ڏاڍائيءَ جي الزام هيٺ سهڻل عرف رحيم شاهه کي بيگناهه گرفتار ڪيو آهي، جنهن جو هن واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، هنن چيو ته جوابدار سهڻل عرف رحيم شاهه واقعي کان اڳ ملتان ويل هو، جڏهن ته مٿس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ قانون جو احترام ڪندي سيد برادريءَ کيس ملتان مان گهرائي چڱن مڙسن جي آڏو پوليس کي پيش ڪيو هو، هنن چيو ته فريادي ۽ پوليس بنا ڪنهن جاچ ۽ تصديق جي سهڻل عرف رحيم شاهه کي واقعي ۾ ڏوهي قرار ڏيون بيٺي آهي، جڏهن ته هن وقت واقعي جي صحيح نموني نه جاچ ٿي آهي ۽ نه ئي سهڻل عرف رحيم شاهه گرفتار جوابدار جي ڊي اين اي ٽيسٽ ٿي آهي.
احتجاج ڪندڙ سيد برادريءَ جي ماڻهن مطالبو ڪيو ته مرڪ ڪلهوڙو ڪيس جي ڪنهن اعليٰ ۽ ايماندار آفيسر کان اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ سهڻل عرف رحيم شاهه سميت گرفتار جوابدار جي ڊي اين اي ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪرايون وڃن، جيئن واقعي جي صحيح معنيٰ ۾ تصديق ٿي سگهي.

77