مورو ڀرسان گچيرو بچاءُ بند جي ڪپرن تي اڏيل حددخلين خلاف ڪارروائي، اڏاوتون ڊاهي پٽ، متاثرين جو احتجاج

news

مورو (رپورٽ: رزاق مستوئي) سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي سخت حڪمن تي پوري سنڌ وانگر مورو ۾ آبپاشي کاتي پاران ڪيل قبضن خلاف ڪارروائي جاري آهي.

ان سلسلي ۾ آبپاشي روھڙي ڊويزن مورو جي انجنيئر طارق احمد ڪيھر جي سربراھي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون تافشين عالم پٺاڻ، مختيار ڪار مورو عبدالحفيظ ميمڻ سميت ايس ڊي او ايريگيشن احمد خان ڪاڪيپوٽو، ايس ڊي او عبدالخالق لاکو، ايس ايڇ او انڪروچمينٽ اسماعيل زرداري ۽ پوليس ۽ رينجرس جي وڏي اٽالن سان گڏجي ھيوي مشينن سان مورو ڀرسان گچيرور بچاءُ بند سميت ڳوٺ ڦل ٻگھيو، ارغو ٻگھيو، جمن ٻگھيو، محمد اسماعيل ڪانڌڙو ۽ ٻين جڳھين تي ڪيل قبضن خلاف سخت آپريشن ڪري بچاءُ بند ڀرسان ٺاھيل صالڻ ٻگهيو، هارون ٻگهيو، قرار ٻگهيو، الهرکيو ٻگهيو، عبدالغفور ٻگهيو، انور ٻگهيو، حاجي خدابخش ٻگهيو، نازن ٻگهيو، آچر ٻگهيو، نصير احمد ٻگهيو ۽ ٻين جا ڪيترائي ڪچا پڪا گھر، اوطاقون، لانڍيون، ھوٽلون ۽ دڪان ڊھرائي پٽ ڪري ڇڏيون.

آبپاشي کاتي جي ڪيل آپريشن کانپوءِ قبضي ڪندڙن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آھي ۽ سندن ٻچا کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ ھن مھل تائين ڪو به چونڊيل نمائندو نه آيو آھي.

انھي موقعي تي متاثرين پنھنجي ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏجي احتجاج ڪندي دانھون ڪوڪون ۽ پٽون پاراتا ڏيندي چيو ته اسان غريب پورھيت ۽ مسڪين ھاري آھيون، اسان ھارپو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آھيون ۽ اسان ھتي ابن ڏاڏن کان وٺي آباد آھيون پر اوچتو اسان جي گھرن کي ڊاھي اسان کي بي گھر ڪيو ويو آھي، اسان وٽ ھن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو نه آيو آھي.

ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جا ڊاھيل گھرن ۽ ملڪيتن جو معاوضو ڏئي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري متبادل جڳھيون ڏئي آباد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان اھڙي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج رھنداسين، جنھن جي ذميواري آبپاشي انتظاميا تي ھوندي.

ٻئي پاسي انجنيئر آبپاشي روھڙي ڊويزن مورو طارق احمد ڪيھر صحافين کي ٻڌايو ته اعليٰ عدالتن جي حڪم تي آبپاشي کاتي جي سرڪاري ملڪيتن، بندن، شاخن ۽ واھن جي ڀرسان ڪيل قبضن خلاف سخت آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، جيڪو قبضن ختم ٿيڻ تائين جاري رھندو.