پي ايس ايل جي اهم ميچ ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز مهاڏو اٽڪائيندا

news

ڪراچي: (آچر 28 فيبروري 2021ع) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 ۾ اڄ هڪ ئي اهم ميچ کيڏيو ويندو. پي ايس ايل سيزن 6 جو اڄ يارهون ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

هن وقت ٻنهي ٽيمن جي پوزيشن مستحڪم آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي 4-4 پوائنٽن سان گڏ موجود آهي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ اڄوڪو ميچ کٽيندڙ ٽيم کي مستحڪم ڪندو جڏهن ته اڄ جو ميچ به ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

ڪراچي ڪنگز جي اڳواڻي بابر اعظم ۽ لاهور قلندر جي سهيل اختر ڪندا. گذريل ڏينهن پي ايس ايل جا 2 ميچ کيڏيا ويا هئا. پهرين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ملتان سلطان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

ملتان سلطان طرفان ڪراچي ڪنگز کي 196 رنسن جو حدف ڏنو ويو جيڪو ڪراچي ڪنگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو هو.