ڪورونا وبا ملڪ ۾ وڌيڪ ٽيويهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

اسلام آباد: (آچر 28 فيبروري 2021ع) پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 178 ڪيس سامهون آيا آهن. جڏهن ته 23 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 320 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح هينئر تائين ملڪ ۾ هن وبا جي سڃاڻپ لاءِ ڪيل ٽيسٽن جو گڏيل انگ 89 لک 51 هزار 838 تائين پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 176 مريض سامهون آيا آهن. اهڙي طرح هينئر تائين هن وبا جو شڪار ماڻهن جو گڏيل انگ 5 لک 79 هزار 973 ٿي ويو آهي.
سنڌ ۾ 2 لک 59 هزار 4، پنجاب ۾ هڪ لک 71 هزار 349، خيبرپختونخواهه ۾ 72 هزار 182، بلوچستان 19 هزار 45، آزاد ڪشمير 10 هزار 198، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 956 مريض ۽ اسلام آباد ۾ گڏيل ڪورونا ڪيسن جو انگ 44 هزار 259 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 23 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. اهڙي طرح هن وبا جي هٿان فوت ٿي ويلن مريضن جو انگ 12 هزار 860 ٿي ويو آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 871 گڏيل مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا کي شڪست ڏيندڙن جو گڏيل انگ 5 لک 45 هزار 277 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 21 هزار 836 ٿي ويو آهي جنهن مان هڪ هزار 562 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

51