هڪ ٻيو مهانگائي جو بم تيار، پيٽرول ست روپيه، ڊيزل ساڍا ڇهه روپيه مهانگو ٿيڻ جو امڪان

news

اسلام آباد: (آچر 28 فيبروري 2021ع) مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو مهانگائي جو بم تيار، پيٽرول ست روپيه ۽ ڊيزل ساڍا ڇهه روپيه ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. حتمي منظوري وزيراعظم ڏيندو. نيون قيمتون اڄ رات جو 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.

پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان، پيٽرول 7 روپيه ليٽر تائين مهانگي ٿيڻ سان عوام مهانگائي جي وزن هيٺيان دٻجي ويندو. پيٽرول 7 روپين تائين في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 6 روپين تائين واڌ جو امڪان آهي. گاسليٽ ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ به واڌ جي تجويز آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن بابت فيصلو اڄ وزيراعظم عمران خان ڪندو. ليويز ۾ گهٽتائي ڪري قيمتن ۾ گهٽ اضافو به ڪري سگهجي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ قيمتون برقرار رکڻ جو آپشن به موجود آهي.

اوگرا پنهنجي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي چڪو آهي  اوگرا پاران ورڪنگ 30 روپيه في ليٽر جي حساب سان ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت اڄ شام نئين قيمتن جو اعلان ڪندي.