اسلام آباد: جي يو آءِ اڳواڻ جي قتل خلاف احتجاج، مري ويندڙ روڊ بلاڪ
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

اسلام آباد: (آچر 28 فيبروري 2021ع) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) پاڪستان جي مقامي اڳواڻ سميت 3 ڄڻن جي قتل خلاف باره کهو ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.
جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ مقتول جي گهر ڀاتين طرفان اڻهال چوڪ باره کهو تي ڌرڻو ۽ احتجاج ڪيو پيو وڃي. مظاهرين مري ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
جي يو آءِ جي مقامي اڳواڻ قاري ڪرامت الرحمان جو چوڻ آهي ته مقتول جي يو آءِ جو سرگرم ڪارڪن هو، پر واقعي جي ايف آءِ آر اڃان تائين داخل ناهي ڪئي وئي.
قاري ڪرامت وڌيڪ چيو آهي ته واقعي حڪومت ۽ انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. مقتولن جي قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ فائرنگ ڪري جي يو آءِ جي مقامي اڳواڻ قاري ڪرامت الرحمان جي ڀاءُ پٽ ۽ شاگرد کي قتل ڪيو ويو هو.

69