ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ: نيوزيلينڊ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو
ويب ڊيسڪ | 1 مھينو پھريان

آڪلينڊ: (آچر 28 فيبروري 2021ع) ڪورونا وائرس سبب نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آڪلينڊ ۾ 7 ڏينهن جو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جو باقاعده اعلان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ڪيو آهي. رپورٽ موجب ملڪ جي ٻين حصن ۾ وڏي سطح تي پابنديون لاڳو رهنديون جنهن جي تحت عوامي اجتماع محدود ڪيا ويندا ۽ ٽن ڏينهن تائين شهرين کي سواءِ ضروري ڪم جي گهرن مان نڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ اندر 14 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي. نيوزيلينڊ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي رفتار تمام گهٽ آهي پر هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب 26 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 2 هزار 376 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.

109