حمزه شهباز جي آزادي ڪنهن به ڊيل جو نتيجو ناهي: شاهد خاقان عباسي

news

لاهور: (آچر 28 فيبروري 2021ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حمزه شهباز جي آزادي ڪنهن به ڊيل جو نتيجو ناهي. الله ڪري اسٽيبلشمينٽ جو رول ملڪي سياست  مان ختم ٿيڻ جي ڳالهه صحيح ثابت ٿئي.

شڪر ڳڙهه ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ(ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو ته ايٽمي ملڪ جي عوام کي عمران خان نيازي 2 وقتن جي ماني کان محروم ڪري ڇڏيو. ايٽمي طاقت جو سڀني کان وڏو مسئلو غربت ۽ بيروزگاي آهي. هي پاڪستان جي بدنامي ۽ بيعزتي آهي.

ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان  جي معيشت صحيح رستي تي هلي رهي هئي سي پيڪ بڻجي رهيو هو پر ترقي ڪندڙ ملڪ کي غربت ۽ بيروزگاري جي حالتن طرف ڌڪيو ويو وقت اچي ويو آهي پاڪستان کي نئين بنياد تي بيهاريو وڃي. سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪن. بيورو ڪريٽ ملڪ کي سٺي  طرح هلائين ته ملڪ جنت بڻجي سگهي ٿو. احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف جي صفن ۾ سوديبازي ۽ پئسن جي آواز اچي رهي آهي.

بلوچستان ۾ 70 ڪروڙ روپين ۾ سينيٽ جي ٽڪيٽ وڪرو ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جا ماڻهو رڙيون ڪري رهيا آهن ته ٽڪيٽون وڪرو ڪيون ويون ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف ڪرپشن ۽ مافياز جي پارٽي آهي پي ڊي ايم جي جاري ڪيل سينيٽ ٽڪيٽن تي ڪوبه اعتراض ناهي ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حمزه شهباز جي آزادي ڪنهن به ڊيل جو نتيجو ناهي. اسان جي جنگ اقتدار جي نه نظام جي درستگي جي آهي. احتساب جي نالي تي انتقام نظام جي ناڪامي آهي.

ڊسڪه چونڊن تي اليڪشن ڪميشن صحيح فيصلو ڪيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو رول سڀني جي سامهون آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته  هينئر تائين اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نظر ناهي آيو. سينيٽ  چونڊن ۾ ڇا ٿيندو آهي سڀني ڏسي ورتو. الله ڪري اسٽيبلشمينٽ جو رول ملڪي سياست مان ختم ٿيڻ جي ڳالهه صحيح ثابت ٿئي. يوسف رضا گيلاني وڏي اڪثريت سان سينيٽر چونڊجي ويندو.