ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ويزا ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت گهرجي: پي سي بي

news

لاهور: (آچر 28 فيبروري 2021ع) پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سان مسئلو ناهي پر ويزائن ۽ سيڪيورٽي جي يقين دهاني گهرجي.

هڪ عرب اخبار جي ڀارتي صحافي کي انٽرويو ۾ پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته اسان هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ ٿيڻ جي مخالفت ناهيون ڪري رهيا پر اسان جو مطالبو آهي ته رانديگرن، مددگار اسٽاف ۽ صحافين جي لاءِ ويزائن ۽ سيڪيورٽي جي يقين دهاني ڪرائي وڃي.

هن چيو ته پاڪستان وومين ٽيم کي 2021  ۾ آءِ سي سي ڪواليفائرز ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت وڃڻو هو بي سي سي آءِ جو چوڻ هو ته حڪومت کي لکيو آهي پر جواب نه ملي رهيو آهي. مهينن جي انتظار کان پوءِ آخرڪار ٻڌايو ويو ته هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي. جنهن  سبب پاڪستاني ٽيم ميچ نه کيڏي سگهي ۽  پوائنٽس برابر ۾ ورهائجن. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي اها عالمي ڪرڪيٽ جي لاءِ به بهتر نه هوندي.

احسان ماني چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ويزائن جي  يقين دهاني 31 ڊسمبر تائين ملڻي هئي. جنوري ۾  بي سي سي آءِ جي صدر سارو گنگولي جي بيمار هجڻ تي هن وڌيڪ وقت گهريو. هاڻ مون کان اسٽيڪ هولڊرز ۽ ميڊيا طرفان به ان بابت پڇيو پيو وڃي. معاملو هڪ دفعو ٻيهر آءِ سي جي سامهون اٿاريو آهي. جيتري جلد صورتحال واضح ٿيندي بهتر هوندو ته جيئن معاملا طئي ٿيڻ جي ڊيڊ لائن نه گذري وڃي.