رانديگر غلطين مان سبق ناهن سکي رهيا، ايندڙ ميچن ۾ سٺي راند ڏيکارڻي پوندي: شاداب خان
ويب ڊيسڪ | 2 مھينا پھريان

ڪراچي: (آچر 28 فيبروري 2021ع) پي ايس ايل ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته ٽاپ آرڊر بيٽسمين غلطين مان سبق ناهن سکي رهيا پر غلطيون ورجائي رهيا آهن. ايندڙ ميچن ۾ ڪوشش ڪرڻي پوندي ته غلطيون وري نه ورجايون وڃن.
پشاور زلمي جي هٿان پي ايس ايل ميچ ۾ شڪست کان پوءِ آل رائونڊر جو چوڻ هوته اسان جو ٽاپ آرڊر ان انداز ۾ پرفارم ناهي ڪري رهيو جنهن انداز ۾ کين ڪرڻ گهرجي. ۽ اسان هر ڀيري غلطيون ورجائي رهيا آهيون. هن ميچ ۾ به ائين ئي ٿيو. آئنده غلطيون نه ورجائينداسين ۽ سٺي راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
شاداب خان چيو ته ان ڳالهه جو احساس ڪرڻو پوندو ته ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 120 بال کيڏڻيون هونديون آهن ۽ هر بال تي رنس جي لاءِ نٿو وڃي سگهجي. اميد آهي ته رانديگر ايندڙ ميچز ۾ سٺي راند ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا.
هن تماشائين جي موجودگي جي تعريف ڪئي پر ان سان گڏوگڏ ڏوراپو به ڏنو ته تماشائي اسان جي ٽيم جي سپورٽ ناهن ڪري رهيا پر اميد ضرور آهي ته ايندڙ ميچز ۾ نيشنل اسٽيڊيم تي تماشائي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي به سپورٽ ڪندا.

100