سينيٽ جي ٻن سيٽن لاءِ اتحاد قربان نٿا ڪري سگهون: ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي راءِ

news

ڪراچي: (آچر 28 فيبروري 2021ع) 3 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن جي لاءِ سياسي جوڙ توڙ عروج تي آهي ۽ پيپلز پارٽي کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف به ڪراچي ۾ سرگرم ٿي وئي آهي.

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ايڊجسٽمينٽ جي امڪانن تي تحريڪ انصاف به سرگرم ٿي وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ اتحادين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي جنهن ۾ جي ڊي اي جو صدرالدين شاهه راشدي، حسنين مرزا، شهريار مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي پر گهرائڻ جي باوجود ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنهن به ميمبر شرڪت نه ڪئي.

ٻئي طرف سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي آڇ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سوچ ويچار جي لاءِ اڄ شام جو رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس به گهرايو ويو آهي. متحده قيادت سمورن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اسيمبلي  ميمبرن کي ٽن ڏينهن تائين ڪراچي ۾ مخصوص هنڌن تي روڪيو ويندو ۽ سمورا ميمبر ووٽ وجهڻ  گڏ اسيمبلي پهچندا.

ايم ڪيو ايم ميمبرن طرفان يوسف رضا گيلاني کي ووٽ عمران خان تي عدم اعتماد جي برابر هوندو ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم ميمبرن جي راءِ آهي ته سينيٽ جي ٻن سيٽن لاءِ اتحاد قربان نٿو ڪري سگهجي.