اڏيرولال: گوٺ بچل ورياهه ۾ نيڪال جو نظام خراب، رهواسي گند ڪچري ۾ رهڻ تي مجبور

news

اوڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) يوسي اوڏيرولال وليج جي ڳوٺ بچل ورياهه جي ڳوٺاڻن بچايو ورياهه، اياز علي ورياهه، ذوالفقار علي ورياهه، رميز علي ورياهه، اعجاز علي ورياهه ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪافي عرصي کان هزارن جي آبادي واري هن ڳوٺ کي ضلعي حڪومت مٽياري وساري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال وارو ڊسپوزل سسٽم خراب هجڻ سبب هزارن جي آبادي واري هن ڳوٺ جا رهواسي گند ڪچري ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.، گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ مقامي کاتي پاران خاطر خواهه بندوبست نه هجڻ سبب سندن ٻار توڙي وڏا مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.

هنن چيو ته هر هنڌ گندي پاڻي ۽ ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، گندگي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جا ڪٽڪ پهچي چڪا آهن، هنن اهو به چيو ته ڪڏهن به مڇر مار اسپري پڻ نه ٿيو آهي جنهن سبب مڇرن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

هنن الزام هنيو ته يوسي اوڏيرولال وليج جي هزارن جي آبادي واري هن ڳوٺ تي هڪ رپيو به خرچ نٿو ڪيو وڃي ۽ ايندڙ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي ان جي به ڪا خبر چار نٿي پوي، هنن بلديات واري صوبائي ۽ ڊي سي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ بچل ورياهه جي سار لهي هتان جي عوام کي ريليف ڏنو وڃي.